SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


خاڪا نويسي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

خاڪا نويسي

(Sketch -Writing)

خاڪا نويسي ، سوانحي ادب جو هڪ حصو آهي. جنهن ۾ ليکڪ ڪنهن هستيءَ، شخص يا بزرگ جي زندگي۽ سندس خدمتن کي چٽيندو آهي. هي گهڻين حقيقتن ۽ رنگن سان چٽيل نه عڪس آهي ۽ نه ئي وري ڪو فوٽو گراف، جنهن ۾ رواجي ۾ رواجي چيز به اچي ويندي آهي. ادب ۾ جنهن کي خاڪا نويسي چئبو آهي، ان ۾ گهٽ ۾گهٽ لفظن سان ادبي نموني ڪنهن هستيءَ، شخص يا بزرگ کي چٽيو ويندو آهي. عام طور ڪن خاص شخصن تي خاڪا لکيا ويندا آهن. ليڪن خاڪا نويس عڪس ٺاهي زندگيءَ ۾حقيقتن جي سچائي ۽ غير شخصي رخ ضروري ڏيندو آهي، ان ۾ تصورکي بلڪل جڳهه ڪانهي. جيوني ڪنهن شخص جي سموري زندگي يا زندگيءَ جي گهڻي حصي کي پاڻ سمائي ٿي. جڏهن ته ڪنهن جو خاڪو، ليکڪ جي ڏات ۽ زندگي سان جوڙيل ڪنهن شخص جو مختصر چتر آهي. ان نموني جيون ڪهاڻي ۽ سوانح نگاريءَکان الڳ آهي. خاڪي چٽڻ ۾اختصار ۽ شدت (Intensity) استعمال ڪئي ويندي آهي. ٿورن لفظن ۾ به گهڻو ڪجهه چوڻ خاڪي جي چٽڻ جي خصوصيت آهي. سنڌي ادب ۾ خاڪا نويسيءَ جا ڪيترائي سٺا ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾ ”جنم گذاريم جن سين“ (جي ايم سيد)، ”سانگي ڪي ساريام“ (شيخ عبدالرزاق راز)، ”شڪليون“ (عبدالقادر جوڻيجو)، ”فن، شخصيت، انداز“ (ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي)، ”ڏاهپ ۽ ڏات جي لاٽ“ (سراج) وغيره.


Remember Me Also:

شهل

ذ. ڇَهَلَ ، ڇَهَرُ ، ڇَلُ ، مَڪرُ. هُنَرُ ، فَنُ. راز ڪي ڪم جو هڪ اوزار ، ديوار جي سڌائي لهڻ لاءِ اوزار.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal